جهتيال، قربان

جهتيال، قربان

قربان جهتيال

قربان جهتيال : مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر قربان جهتيال جو جنم پهرين جنوري 1957ع تي ڦلجي اسٽيشن، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال ۾ ٿيو. ايم. بي. بي. ايس پاس هئڻ باوجود به هن سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح ڏيڻ يا ڪنهن وڏي شهر وسائڻ جا خواب ڏسڻ بدران پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڪلينڪ قائم ڪري نه رڳو پنهنجي روزگار جو بندوبست ڪيو پر هر جمعي تي مريضن جو مفت علاج ڪرڻ به هن پنهنجو فرض سمجهي اها خدمت ڪئي. هيءُ شاعر هئڻ سان گڏوگڏ صحافي ۽ سماجي ڪارڪن پڻ هو. هن لکڻ جي شروعات 1973ع کان ڪئي. ان دوران نامور شاعر محسن ڪڪڙائيءَ کان رهنمائي حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر قربان سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادوءَ جو پنج دفعا رابطه سيڪريٽري، پريس ڪلب ڦلجي اسٽيشن جو نائب صدر، سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن (سگا) شاخ ڦلجي اسٽيشن جو جنرل سيڪريٽري، پئرنٽس ٽيچرس ائسوسيئيشن جو چيئرمين، ريڊيو لسنرز ائسوسيئيشن سنڌ جو مرڪزي صدر پڻ رهيو. هن سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ريڊيو لِسنرس ڪلب ٺاهي نه رڳو ريڊيو ٻڌندڙن کي اتساهيو پر ان سان گڏ ريڊيو پبليڪيشن قائم ڪري هڪ رسالو شايع ڪرايائين، جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ هو. سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ هن رسالي جا ڪل 12 پرچا شايع ٿيا. ڊاڪٽر قربان جهتيال پنهنجي سموري عمر جاکوڙ ڪندي گذاري. سندس شاعري نامور فنڪارن شفيع فقير، ممتاز لاشاري، انور وسطڙي، ڪوثر ماروي سميت ڪيترن فنڪارن ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. سندس شاعريءَ، مضمون سنڌ جي مختلف رسالن توڙي اخبارن ۾ مسلسل شايع ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر قربان جهتيال انهن سڄاڻ سماجي ۽ ادبي ماڻهن مان هو، جن عملي طور سماجي تبديلين لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. کيس خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. جن ۾ سگا طرفان سلور ميڊل ۽ گريجوئيٽس اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ طرفان اوارڊ ۽ ريڊيو پاڪستان طرفان بهترين لوچيندڙ اوارڊ وغيره قابل ذڪر آهن. هي ڪيترو عرصو گڙدن جي تڪليف سبب ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ داخل رهيو.


لفظ قربان جهتيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.01.01  عيسوي

مشهور شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر قربان جهتيال جو جنم پهرين جنوري 1957ع تي ڦلجي اسٽيشن، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ڪمال خان جهتيال ۾ ٿيو.


2012.08.21  عيسوي

قربان جهتيال 21 آگسٽ 2012ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه شهيد مخدوم بلاول قبرستان ۾ آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيوت سنگهه صوفي
اقبال شاهين
اختر ثانوري
بلاول اوٺو
روحل گائنچو
دينپوري مولانا محمد عمر
آخوند عبدالقادر بيدل
سروپچندر شاد
آسي زميني
امتياز دانش
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون